سمرقند جو صوف

سمرقند جو صوف (ناول): 1917ع واري روسي انقلاب جي نتيجي ۾ بخارا سمرقند وغيره ۾ اٿندڙ انقلابي تحريڪن جي سماجي ۽ سياسي پس منظر ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو سرجيل ناول عبرت سلسلي جي چئن ڪتابن: ’سمرقند جو صوف‘ (1952ع)، ’نٿ جو صبح‘ (جون 1952ع)، ’مرشد جي ڏاڙهي‘ (ڊسمبر 1952ع) ۽ ’ٽيٽياڻي‘ (فبروري 1953ع) سان گڏ قسطوار صورت ۾ ڇپيو، اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد، سنڌ ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو